درگاهه قطب علي شاهه جهانيان

درگاهه قطب علي شاهه جهانيان: سيد قطب علي شاهه جهانيان، سيد فتح علي شاهه جهانيان جو فرزند هو. قطب علي شاهه جي ولادت 21 رمضان 1229هه/ 6 سيپٽمبر 1813ع تي ۽ وفات 16 ذوالحج 1328هه بمطابق 23 ڊسمبر 1910ع ۾ ٿي. وقت جو وڏو صوفي شاعر ۽ ولايت جو صاحب هو. سندس وڏا ميان سرفراز جي مقام ۾ دفن ٿيندا هئا، پر سيد قطب علي شاهه جي تربت ٽنڊي جهانيان ۾ ٺاهي وئي. ٻارهين مهينن کان سواءِ سندس مزار مٿان قبي جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو چئن سالن ۾ پورو ٿيو. فقير صاحب جو فرمان هو ته هن آستان تي ڪڏهن به ڪنهن کان پئسي جي گهر نه ٿيڻ گهرجي. روضي جي ڀرسان هندو ۽ مسلمان عقيدتمندن لاءِ ڌار ڌار جايون ٺهيل آهن. هر سال 15، 16، 17 ذوالحج تي هن درگاهه تي روحاني مجلس ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو